راز و نياز

راز و نياز

راز و نياز

راز و نياز (ڪتاب): هي ڪرائون سائيز شاعريءَ جو مجموعو سنڌي جي صف اول جي اديب، محقق ۽ شاعر ڪلياڻ مولچند آڏواڻيءَ جو آهي، جيڪو ’جئه هند ڪاليج‘ جو پروفيسر ۽ شاهه جي رسالي جو مرتب آهي. ڪتاب جو مهاڳ ڪلياڻ آڏواڻيءَ خود لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪلياڻ آڏواڻيءَ بيتن ۾ پنهنجي دل جي ڪيفيت بيان ڪئي آهي ۽ ڪن هنڌن تي انساني فطرت جا ڪي خوش طبعيءَ وارا پهلو به پيش ڪيا آهن. هي 88 صفحن جو ننڍڙو ڪتاب، جون 1960ع ۾ ڪلياڻ آڏواڻيءَ پاڻ، سنڌي ڪالوني، باندرا، بمبئي، انڊيا مان ڇپرائي پڌرو ڪيو. جنهن جي قيمت ڏيڍ روپيو آهي.


لفظ راز و نيازھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو